آبادي تي ضابطو ڪرڻ بنا ڪوبه ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي: صدر عارف علوي

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر عارف علوي چيو آهي ته آبادي تي ڪنترول ڪرڻ کان سواءِ ڪوبه ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي مسجد جي ممبر کي عوام ۾ سجاڳي لاءِ بهتر نموني سان استعمالڪري سگهجي ٿو اربع تي هتي ڊاڪٽر عارف علوي سان ڪنٽري ڊائريڪٽر يونائيٽيڊ نيشنز پاپوليشن فنڊ لينا محمود موسيٰ ملاقات ڪئي ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته حڪومت آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ڏس ۾ معاشري جي سمورن طابقن کي شامل ڪيو ويندو هن چيو ته ٻارڙن ۾ وقفي جي ڪمي اسٽنٽنگ ۽ غذائي مسئلا وڏو سبب هن چيو ته حڪومت انهن هنرمند مائرن کي سافٽ ويئر سان لاڳاپيل روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي جيڪي ٻارڙن جي پرگهور ۽ پرورش جي ڪري گهرن ۾ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *