آئي ايم ايف سان معاھدو طئي، حڪومت جو پيٽروليم ليوي ھر مھيني 4 رپيا وڌائڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان ۽ آئي ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول ايگريمينٽ طئي ٿي ويو جنهن مطابق پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ جي اڳين قسط جاري ڪئي ويندي آئي ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ ڇهين جائزي جي تڪميل جي آخري منطوري ڏيندو. سومر تي جاري ڪيل پڌرائي موجب آئي ايم ايف چيو ته قرض پروگرام جي بحالي اڳواٽ شرطن تي عمل ڪرڻ سان مشروط هوندي ايندڙ قسط جاري ڪرڻ سان پاڪستان کي فراهم ڪيل رقم 3 ارب ڊالر کان وڌي ويندي پڌرائي موجب پاڪستان جون تائين ڪارڪردگي ۽ حدف وڏي مارجن سان پورا ڪري ورتا. آئي ايم ايف ايف ٽي ايف پلان تي عمل جي به ساراهه ڪئي پڌرائي موجب مني لانڊرنگ، ٽيرر فنانسنگ جي خلاف اڳڀرائي ڪئي وئي. آئي ايم ايف چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌيو رپئي جو ملهه گهٽيو هلندڙ سال جي ڊي پي گروٿ 4 سيڪڙو کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. اسٽيٽ بئنڪ کي خودمختيار ڪرڻ واري بل کي ساراهيو ويو ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ بهتر قانونسازي ڪئي وڃي سروسز جي سپلاءِ بهتر ڪرڻي پوندي. سڌي سنئين ٻاهرين سيڙپڪاري ۾ اضافو ڪرڻو پوندو جڏهن ته تعليم ۽ انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻي پوندي.  ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون طئي ٿي ويون آهن، پيٽروليم ليوي هر مهيني 4 رپيا وڌائڻي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف هڪ ارب ڊالر قرض فراهم ڪندو، ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ ۾ دير ان ڪري ٿي ته مارچ ۾ جن قدمن تي عمل جو واعدو ڪيو ويو هو، آءِ ايم ايف انهن کان پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه هو، هاڻ ٽيڪس وصولين جو هدف هڪ هزار 600 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان بجلي مهانگي ڪرڻ تي رضامندي اڳ ٿي وئي هئي، اسان 500 ملين ڊالر ورتا هئا، معاهدي کان پوئتي هٽڻ ڏکيو ٿي ويو هو، ڳالهين ۾ اسان پنهنجي موقف تي رهياسين. سندس چوڻ هو ته پيٽروليم ليوي 10 ارب رپيا ڪرڻ جو چيو ويو، اها ته اسان نٿا ڪري سگهون، پيٽروليم ليوي هر مهيني 4 رپيا وڌائڻي آهي ۽ پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي 30 رپين تائين پهچائڻي آهي. شوڪت ترين چيو ته اسٽيٽ بئنڪ سڌارن جو بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، اسٽيٽ بئنڪ گورنر نيب کي جوابده هوندو ۽ ناڻي واري وزير جي صلاح سان ڪم ڪندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *