توهان اسان جي دلين جا پرڏيهي وزير آهيو، شاداب ۽ ڏاهاڻي ۾ دلچسپ ڳالهيون

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان بنگلاديش خلاف ڊيبيو ڪندڙ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي ٽيم جو پرڏيهي وزير مقرر ڪري ڇڏيو آهي ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽڻ کانپوءِ شاداب خان ٽوئيٽر تي ٽيم جي تصوير سان پيغام جاري ڪيو، ڪرڪيٽر الله جو شڪر ادا ڪندي لکيو ته بهترين ميزبان هجڻ تي بنگلاديش ۽ سمورن مداحن جي مهرباني جن اسان کي گهر جهڙو ماحوم فراهم ڪيو ڪرڪيٽر لکيو ته اهو هڪ شاندار تجربو رهيو، جڏهن ته شاداب ڏاهاڻي جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان جي ٽيم جي پرڏيهي وزير کي ڊيبيو ڪرڻ تي مبارڪون هجن ڏاهاڻي پنهنجي ٽوئيٽ تي شاداب جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ان سان گڏ سوال ڪيو ته هي پرڏيهي وزير سان جو ڇا سين آهي؟ جنهن جي جواب ۾ شاداب خان واضح ڪيو ته جنهن انداز ۾ توهان اسان جي ٽيم جي هر جاءِ تي نمائندگي ڪئي آهي ۽ عالمي ڪرڪيٽرن ۽ ٽيمن سان راند جو جوهر ڏيکاريو آهي، توهان اسان جي دلين جا پرڏيهي وزير آهيو ٽي 20 ورلڊ ڪپ دوران شاهنواز ڏاهاڻي جون ڪيتريون ئي تصويرون وائرل ٿيون، جن ۾ هو انٽرنيشنل ڪرڪيٽرن سان ملاقات ۽ گفتگو ڪندي نظر آيو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *