آئين ٽوڙي ججن کي قيد رکندڙ کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ سازش آهي: پيپلز پارٽي

اسلام آباد/ڪراچي(نمائندن وٽان) مڪ مڪه جي نتيجي ۾ مشرف کي ٻاهر وڃڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي، نجي ٽي وي موجب مشير اطلاعات سنڌ مولابخش چانڊيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مشرف جو وڃڻ ڏوهه آهي، مشرف آئين ٽوڙيو، جج قيد ۾ رکيا، مولابخش چانڊيو چيو ته احسان جو بدلو احسان هوندو آهي ۽ ميان صاحب احسان جو بدلو چڪائي ڇڏيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته پرويز مشرف کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ملڻ سازش آهي، اختيار ميان نواز شريف جي هٿ مان نڪرندا پيا وڃن، هن چيو ته حڪومت مشرف کي ڇڏي بعد ۾ رستا کولي ڇڏيا ۽ پرويز مشرف ۽ حڪومت ۾ مڪ مڪه ثابت ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ مشرف کي بري ڪري قانون جا بکيا اڊيڙيا ويا آهن، تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته منهنجي والده بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ به مشرف نامزد آهي ۽ مشرف تي غداري ڪيس به عدالت ۾ آهي جنهن تي اڃان فيصلو ناهي ٿيو، غداري ڪيس آخري مرحلي ۾ آهي، پرويز مشرف عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان لنوائيندو رهيو آهي، عوام سمجهي ٿي ته موجوده حڪومت مشرف کي ان جي ”احسان مندي” جو صلو ڏئي رهي اهي ۽ مشرف عدالت ۾ پيش ٿيڻ بغير ملڪ مان فرار ٿيڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *