خيبر ايجنسي ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪارروائي، 8 دهشتگرد مارجي ويا، 2 جوان شهيد

راولپنڊي (اين اين آءِ) سيڪيورٽي فورسز خيبرايجنسي ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪارروائي ڪري 8 دهشتگردن کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه سيڪيورٽي اهلڪار پڻ شهيد ٿي ويا آءِ ايس پي آر مطابق خميس تي سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس جي بنياد تي گلگت بلتستان ۾ چلاس ويجهو گيال ڳوٺ جي تريل ماٿري ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪري ٽن گهربل ڏوهارين کي قتل ڪري ڇڏيو. مارجي ويل دهشتگرد سول ٽرانسپورٽ سياحن ۽ سيڪيورٽي فورسز تي قراقرم هاءِ وي تي حملن ۾ ملوث هئا فائرنگ ۾ ٻه سيڪيورٽي اهلڪار به شهيد ٿي ويا. سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺان آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو هوڏانهن هڪ الڳ ڪارروائي ۾ سيڪيورٽي فورسز خيبر ايجنسي ۾ پنج دهشتگردن کي قتل ڪري ڇڏيو آءِ ايس پي آر مطابق گذريل رات دهشتگردن دره درامو دراب ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي جي ڪوشش جنهن جو بهادر سيڪيورٽي اهلڪارن منهن ٽوڙ جواب ڏيندي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو مارجي ويل دهشتگردن جا مڙهه سيڪيورٽي فورسز پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا جيڪي پوليٽيڪل انتظاميه جي حوالي ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *