آئينده پيپلز پارٽي بلوچستان ۾ هم خيال جماعتن سان ملي حڪومت بڻائيندي: آصف زرداري

ڪراچي  (اين اين آءِ) بلوچستان نيشنل پارٽي( عوامي ) جي چيئرمين مير اسرار الله زهري گذريل ڏينهن بلاول هائوس ۾ پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي صدرآصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران بلوچ قومپرست اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر ملڪ جي مجموعي ۽ خاص طور تي بلوچستان جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ايندڙ عام چونڊن ۾ بلوچستان ۾ هم خيال پارٽين سان گڏجي حڪومت ٺاهيندي، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي بلوچستان جي ترقي لاءِ هميشه ڪوشان رهي آهي ، سي پيڪ منصوبو پڻ اسان جو ئي ڏنل آئيڊيا آهي جيڪو بلوچستان جي پسمانده عوام جي ترقي جو روڊ ميپ آهي، مير اسرار الله زهري چيو ته پيپلزپارٽي سان گڏجي بلوچستان جي عوام جي خدمت ڪنداسين، ايندڙ چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سميت هم خيال پارٽين سان اتحاد ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *