بابر بٽ قتل ڪيس ۾ اڃا تائين ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي: بلاول ڀٽو

لاهور (اين اين آءِ)  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ن ليگ قاتل پالي رکيا آهن، مخالفتن تي حملا ان جو پراڻو رويو آهي، اسان اهڙي ورتاءَ کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، پنجاب ۾ تازو ئي اهو ٻيو واقعو آهي، اها حڪومت جي گڊ گورننس آهي، شهباز شريف هر واقعي کانپوءِ فيڪٽ فائيڊنگ ڪميٽي جوڙي ٿو، نئين عزم جوش ۽ ڀرپور تياري سان ميدان ۾ لهنداسين، پ  پ پٺ تي پيل طبقي جو آواز آهي ۽ انهن جي حقن لاءِ هر سطح تي جنگ وڙهنداسين، تنظيم سازي جو عمل پ پ کي مضبوط بڻائيندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن پ پ جي مقتول اڳواڻ بابر سهيل بٽ جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ۽ فاتح خواني کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ بلاول هائوس ۾ اجلاسن جي صدارت ڪندي ڪيو، بلاول ڀٽو پنجاب جي جنرل سيڪريٽري نديم افضل چن، چوڌري منطور ۽ ٻين سان گڏ انتهائي سخت سيڪيورٽي ۾ پارٽي جي مقتول اڳواڻ بابر سهيل جي رهائشگاهه تي پهتو ۽ انهن جي وارثن سان تعزيت ڪئي، هن چيو ته پ پ توهان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته بابر سهيل جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بابر سهيل بٽ جو قتل انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، اسان مطالبو ڪيون ٿا ته ان واقعي جو شفاف ٽرائيل ڪيو وڃي ۽ قاتلن کي سزا ڏني وڃي ته جيئن مقتول جي وارثن کي انصاف ملي سگهي، هن چيو ته تازن ڏينهن دوران پنجاب ۾ اهو ٻيو واقعو آهي، پهريان شوڪت بسرا تي حملو ڪيو ويو ۽ ان جو پرسنل سيڪريٽري شهيد ٿيو ۽ هاڻ بابر سهيل کي شهيد ڪيو ويو، ن ليگ وٽ قاتل پلجي رهيا آهن ۽ مخالفتن تي حملا ان جي پراڻي عادت آهي، اسان اهڙي رويي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *