آئون ظلم جي خلاف آواز اٿارينديس، آخري حد تائين وينديس: مريم نواز

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسل ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته آئون ظلم جي خلاف آواز اٿارينديس، آخري حد تائين وينديس. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميان نواز شريف جي ضمانت رد ٿيڻ تي رد عمل ڏيندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪيو. مريم نواز چيو ته عوام جي حقيقي نمائندي نواز شريف کي انصاف ڏياري رهنديس، جيل ۾ وجهڻو آهي ته وجهي ڇڏيو، قيد ڪرڻو آهي ته ڪري ڇڏيو، توهان ڊڄو ٿا پر مان نه. ميان نواز جي ڌيءَ چيو ته جلد ئي عوام جي سامهون اچي ويندو، نواز شريف سان ڪهڙي راند کيڏي وئي. مريم نواز چيو ته نواز شريف ئي نه، ضمير جا ڪيترائي قيدي ڪال ڪوٺڙين ۾ آهن، قانون جي حڪمراني اظهار راءِ جو حق سب جيل جي سلاخن پٺيان آهن. مسلم ليگ جي نائب صدر چيو ته رڳو پيءُ لاءِ ناهي، زنجيرن ۾ وڪڙيل سڀني قيدين جي لاءِ وڙهنديس. مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ته انشاءَ الله يقين آهي عوامي عدالت نه ناانصافي ڪندي آهي نه دٻاءَ ۾ ايندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *