هڪ ئي ڏينهن ۾ پوليو جا 2 ڪيس ظاهر، انگ 26 ٿي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ 2 پوليو وائرس جا ڪيس سامهون اچي ويا، ٻنهي ڪيسن جو تعلق خيبرپختونخواهه سان آهي، جنهن بعد هلندڙ سال پوليو ڪيسن جو انگ 36 ٿي ويو. تفصيل موجب پوليو وائرس خطرناڪ صورتحال اختيار ڪندو پيو وڃي، هڪ ئي ڏينهن ۾ 2 ڪيس سامهون اچي ويا آهن، ٻنهي ڪيسن جو تعلق خيبرپختونخواهه سان آهي، ٻنون جي تحصيل وزير جي 21 مهينن جي ٻارڙي ۽ لڪي مروت جي يوسي ماماخيل جي 15 مهينن جي ٻار ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي. هلندڙ سال پوليو ڪيسن جو انگ 26 ٿي ويو، جنهن مان 3 جو پنجاب، 3 جو سنڌ، ڪي پي مان 13 ۽ قبيلائي ضلعن مان 7 ٻار متاثر ٿيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *