سارا لورين پاڪستاني فلمن جي ڪاميابي تي خوش

لاهور (شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا ۽ ماڊل سارا لورين چيو آهي ته پاڪستاني فلمن کي کلي کيڏڻ جو موقعو مليو ته نتيجو سڀني جي سامهون آهي،/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 42

جنهن مان ثابت ٿي ويو ته فلم ڏسندڙن کي هڪ اهڙي فلم پسند ايندي آهي، جنهن جي ڪهاڻي جاندار، ميوزڪ شاندار ۽ جدت جو انداز انوکو هجي. تازي ڳالهه ٻولهه ۾ سارا لورين چيو ته عيد جي موقعي تي نمائش لاءِ پيش ڪيل فلمن شوقينن کي گھرن مان نڪرڻ تي مجبور ڪيو، جنهن جو وڏو سبب فلم جي مشهوري مهم آهي، جنهن کي ڀرپور انداز ۾ هلايو ويو ۽ ان جو نتيجو عيد تي ڪاروبار جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهي، اهو سٺو عمل آهي، ان مان هڪ ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته فلم ڏسندڙ کي رڳو هڪ سٺي ۽ معياري تفريح گهرجي، ڀلي پوءِ اها فلم هالي ووڊ جي هجي، بالي ووڊ جي هجي يا لالي ووڊ جي. اداڪارا چيو ته هڪ شخص پنهنجي فيملي سان گڏ ٽڪيٽ خريد ڪري سينيما گھرن ۾ ويهندو آهي ته اها ڳالهه ذهن ۾ رکندو آهي ته کيس 2 يا 3 ڪلاڪن اندر بهتري تفريح حاصل ڪرڻي آهي ۽ پنهنجي اداس چهري تي کل آڻي ٻاهر نڪرڻو آهي، جڏهن اها رزلٽ ملندي آهي ته هو ٻيهر به سينيما گھرن جو رخ ڪندو آهي. اهو  ئي سبب آهي ته عيد جي موقعي تي لڳندڙ پاڪستاني فلمن کي شوقينن پسند ڪيو ۽ اهي ئي ماڻهو هر هر سينيمائن ۾ نظر اچي رهيا آهن، جنهن کي پاڪستان فلمن جي ڪاميابي ڏانهن پهريون قدم قرار ڏنو وڃي ته غلط نه هوندو. سندس چوڻ هو ته آئون بالي ووڊ ۾ به ڪم ڪري چڪي آهيان، ان ڪري سمجهان ٿي ته بالي ووڊ ۾ پنهنجي فلمن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ جهڙيءَ ريت مشهوري مهم تي پئسو خرچ ڪيو ويندو آهي ۽ فنڪار وقت ڪڍندا آهن، ان جو نتيجو اسان جي سامهون هوندو آهي، هر ڪو فلم جي رليز ٿيڻ جو شدت سان انتظار ڪندو آهي ۽ جڏهن اهي فلمون مارڪيٽ ۾ اينديون آهن ته پوءِ سينيما گھرن ۾ ٽڪيٽ وٺڻ ڏکيو بڻجي ويندو آهي، اسان کي به پنهنجي ڊائريڪشن کي درست رخ ۾ اڳتي وڌائڻ تي ڌيان ڌيڻ گھرجي، ڇو جو انهيءَ ۾ ئي پاڪستاني فلمن، سئنيمائن ۽ فنڪارن جو مستقبل محفوظ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *