آءِ سي سي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بحال ڪرڻ لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، پي سي بي اڪيلي سر ڪوششون ڪري رهيو آهي: احسان ماني

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اڳوڻي صدر احسان ماني چيو آهي ته آءِ سي سي پاڪستان ۾ بين الاقوامي ڪرڪيٽ بحال ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو ۽ جيڪي به ڪوششون ٿي رهيون آهن اهي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڪيلي سر ڪري رهيو آهي بي سي سي سان ڳالهائيندي احسان ماني چيو ته هن اڄ تائين اهڙو ڪوبه سيڪيورٽي پروٽوڪول ناهي پڙهيو جنهن ۾ آءِ سي سي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي چيو هجي ته اوهان ته فلاڻي فاڪس تي ٽڪ ڪيو ته هو اهو سمجهندي ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ بحال ٿي سگهي ٿي احسان ماني چيو ته آءِ سي سي جيڪو ٽاسڪ فورس قائم ڪيو هو ان به صرف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظامي ڍانچي بابت ڦيرڦار بابت ڪجهه بيان ڏنا هئا ان کان وڌيڪ ڪجهه ناهي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *