ڌيءَ جو فلم ۾ اچڻ جي غلط خبر تي ڀارتي اڳوڻو بيٽسمين سچن ٽنڊوالڪر سخت ڪاوڙجي پيو

ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڌيءَ جي فلم ۾ اچڻ جي غلط خبر تي سچن ٽنڊوالڪرسخت ڪاوڙجي پيو ميڊيا رپورٽ مطابق اڳوڻي ڀارتي اسٽار ڪرڪيٽر چيو ته هي بي بنياد ڳالهه آهي ان جو حقيقت سان ڪوبه تعلق نه آهي منهنجي ڌيءَ ساره جو سمورو ڌيان پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ تي آهي 17 سالن جي ساره ٽنڊوڪلر جي ٻارڙن ۾ سڀ کان وڏي آهي هن چيو ته هن جو ننڊو ڀاءُ ارجن پيءُ جي نقش قدم تي هلندي ڪرڪيٽ ۾ سرگرم آهي واضح رهي ته هن کان اڳ ڀارتي ميڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو هو ته سچن ٽنڊولڪر جي ڌيءَ ساره فلم اسٽار شاهد ڪپور سان گڏ نئين فلم ۾ جوهر ڏيکاريندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *