آءِ ايم ايف وٽ مجبوري ۾ ويندا آھيون، شرطن جي لاءِ عوام مٿان بار وجھڻو پوندو آھي: عمران خان

اسلام آباد: (م.ڊ) پاڪستان پهرين قومي سلامتي پاليسي جو پبلڪ ورزن جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ قومي سلامتي پاليسي جي تقريب دوران وزيراعظم عمران خان، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي ۽ هٿياربند فوج جي اڳواڻن به شرڪت ڪئي.قومي سلامتي پاليسي واري تقريب کي خطاب ڪندي قومي سلامتي جي صلاحڪار معيف يوسف چيو ته پاڪستان جي قومي سلامتي بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون ويون. اسان سموري دنيا جون پاليسيون ڏٺيون آهن. پاڪستان جون سموريون پاليسيون اعليٰ معيار جون آهن. معيد يوسف چيو ته پاڪستان جي قومي سلامتي تي تمام گهٻي بحث ٿي پاڪستان جي سمورن شعبن جون گهڻيون پاليسيون آهن جيڪي ٺهنديون آهن ۽ اپڊيٽ ٿينديون آهن. معيد يوسف چيو ته قومي سلامتي پاليسي جو اصل ڊاڪيومينٽ ڪلاسيفائيڊ آهي پر وزيراعظم چيو هو ته پاليسي کي پڌرو ٿيڻ گهرجي.قومي سلامتي پاليسي جي سامهون ايندڙ نڪتن موجب ڪشمير کي پاڪستان جي قومي سلامتي پاليسي ۾ اهم قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته پاليسي ۾ معيشت جي تحفظ کي به مُک حيثيت حاصل آهي. وزيراعظم عمران خان ان حوالي سان چيو ته قومي سلامتي پاليسي سان قوم جو قبلو صحيح ڪيو ويو آهي.  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) جا شرط مڃڻ سان ملڪ جي سلامتي متاثر ٿي آهي. وزيراعظم قومي سلامتي پاليسي جي حوالي سان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وڏي محنت سان نيشنل سيڪيورٽي پاليسي کي جوڙيو ويو آهي جنهن ۾ قومي سلامتي کي صحيح معنيٰ ۾ واضح ڪيو ويو آهي. ڪوشش آهي ته رياست ۽ عوام هڪ رستي تي هلن. اسان کي مجبوي جي حالت ۾ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو. ماضي ۾ ملڪ کي معاشي طور تي مضبوط ناهي ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن کي پاليسي ٺاهڻ تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. پاليسي ۾ نيشنل سيڪيورٽي کي صحيح طريقي سان واضح ڪيو ويو آهي. ملڪ کي محفوظ بنائڻ تي هٿياربند فوج کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. اسان وٽ تربيت يافته فوج موجود آهي. ڪوشش آهي ته رياست ۽ عوام هڪ رستي تي هلن. ملڪ جي معيشت ڪمزور هوندي ته دفاع به ڪمزور هوندو. اسان مجبوري ۾ آءِ ايم ايف جا شرط مڃيا آهن. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻ سبب عوام مٿان بار وجهڻو پيو آهي. آءِ ايم ايف سڀني کان وڌيڪ سستا قرض ڏيندو آهي. هن چيو ته هر فلاحي رياست پنهنجي ڪمزور طبقي جي ذميواري کڻندي آهي. اسان جي ترجيح سڀني کان پهريان ڪمزور طبقي کي تحفظ ڏيڻ آهي. صحت ڪارڊ جي ذريعي اسان هر خاندان کي تحفظ ڏنو. جن صوبن ۾ اسان جي حڪومت اهي اتي هيلٿ انشورنس ڏئي رهيا آهيون، سواءِ سنڌ جي سمورن صوبن ۾ صحت ڪارڊ ڏنو پيو وڃي. ماضي ۾ بينڪ گهر ٺاهڻ لاءِ عام ماڻهو کي قرض نه ڏيندو هو. وزيراعظم وڌيڪ ڇيو ته ملڪ ۾ 3 طريقن جو تعليمي نظام آهي، انگلش ميڊيم، اردو ميڊيم ۽ ديني مدرسا، اهو نظام ناانصافي تي ٻڌل آهي. اسان تعليمي نسل پرستي ڪري رهيا آهيون ۽ 3 ڌار ڌار ثقافتون ٺاهي رهيا آهيون. ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اسان هڪ جهڙو تعليمي نظام آندو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *