ملٽري سيڪيورٽي قومي سلامتي جو هڪ حصو آهي: سياسي ۽ عسڪري قيادت

اسلام آباد: (م.ڊ) وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف قمر جاويد باجوه ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي ۽ افعانستان جي صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب وزيراعظم عمران سان آرمي چيف جي ٿيندڙ ملاقات ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ به شرڪت ڪئي. ملاقات کان پوءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ افغانستان جي صورتحال تي ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس به ٿيو جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ٻين عسڪري اختيارين شرڪت ڪئي. وفاقي وزير به اجلاس ۾ موجود هئا. ان دوران افغانستان جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. قومي سلامتي پاليسي واري تقريب کان پوءِ آرمي چيف صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته ملٽري سيڪيورٽي قومي سلامتي جو هڪ حصو آهي، قومي سلامتي جي سمورن حصن تي ٻڌل جامع پاليسي جي جوڙجڪ بهترين قدم آهي اهي دستاويز قومي سلامتي جو تحفظ يقيني بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *