
ممبئي(شوبزنيوز) بالي ووڊ اداڪارا گوهر خان ماڊلنگ ۾ ڪاميابي ماڻڻ کانپوءِ فيشن ۾ به پير رکي ڇڏيو آهي.ميڊيا مطابق گوهر خان پنهنجي ذاتي برانڊ متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري ورتي آهي ۽ جلد ئي پنهنجي برانڊ جو افتتاح پڻ ڪندي. ٻڌايو وڃي ٿو ته گوهر خان ماڊلنگ وارن ڏينهن ۾ اختيار ڪيل پنهنجي فيشن کي ئي ورجائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هن جو چوڻ آهي ته مان فيشن طور اهو لباس نئين انداز سان آڻينديس جيڪو استعمال ڪري چڪي آهيان