سپر اسٽار رجني ڪانت سياست ۾ اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

چنائي(شوبزنيوز) تامل ۽ بالي ووڊ سپر اسٽار رجني ڪانت سياست ۾ اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ مطابق چنائي ۾ سياست ۾ اچڻ جو اعلان ڪندي هن چيو ته سياست ۽ تامل ناڊو جي حڪومت جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي آهي ۽ اها کل جوڳي بڻجي وئي آهي، هو سمجهي ٿو ته اهو سولو ڪم ناهي پر آئون اهو ڪري ڏيکاريندس. هن چيو ته تامل ناڊو جي رياستي اسيمبلي جي سڀيني سيٽن تي اميدوار بيهاريا ويندا جڏهن ته لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ پڻ اميدوار بيهاريا ويندا.رجني ڪانت چيو ته مون شهرت يا دولت لاءِ سياست ۾ اچڻ جو اعلان نه ڪيو آهي ڇوجو اهي شيون مون وٽ اڳ ئي گهڻيون آهن مان رڳو ان ڪري سياست ۾ آيو آهيان ته هتي سياست ايتري گندي ٿي وئي آهي جو باقي دنيا اسان تي کلي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *