گهوٽڪي جي اسپتال ۾ مبينا طور آڪسيجن نه ملڻ سبب 3 تازا ڄاول ٻارڙا فوت، وارثن جو احتجاج ڊاڪٽر تي لاپرواهي جو الزام

گهوٽڪي(ڊ.ر) گهوٽڪي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ مبينا طور آڪسيجن نه ملڻ سبب 3 تازا ڄاول ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته فوتي ٻارن جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو. موبائيل مارڪيٽ ڀرسان واقع ھڪ خانگي اسپتال ۾ ڳوٺ امام بخش گبول جي رهواسي عنايت الله گبول جو پٽ، ڳوٺ جعفر گڏاڻي واسي شوڪت جو پٽ ۽ گهوٽڪي واسي امتياز چني جو پٽ فوت ٿيا. فوتي ٻارن جي وارثن، اسپتال انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته ڊاڪٽر لطف الله ڪلوڙ جي لاپرواهي ۽ آڪسيجن نه ملڻ سبب ٻارڙا فوت ٿيا آهن. فوتي ٻارن جي وارثن، مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر لطف الله ڪلوڙ تي ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *