هي پاڪستان آهي بنگلاديش ناهي ۽ نه ئي حسينا واجد جي حڪومت اهي جو پاڪستان کي سيڪيولر ملڪ بڻايو وڃي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد(بيورو) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته حڪومت طرفان 21 هين آئيني ترميم ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي اعتماد ۾ نه ورتو ويو جڏهن ته اسان فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جي گناهه لاءِ تيار ٿي ويا هئاسين پر حڪومت غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته حڪومتي ٽيم ترميمن تي ڳالهين لاءِ حاضر ٿي پر ڳالهين دوران ئي قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪيو ويو جيڪو حڪومتي غير سنجيدگي جو ثبوت آهي جڏهن ته اسان تجويز ڏني هئي ته فوجي عدالتن بابت سپريم ڪورٽ جو به ڪردار هجڻ گهرجي پر اسان طرفان ڏنل ڪابه تجويز بل ۾ شامل نه ڪئي وئي هن چيو ته پشاور سانحي کي مذهبي هيڪڙائي خلاف ڇو استعمال ڪيو پيو وڃي، اڄ ٻيهر دهشتگردي ۽ مذهب کي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي  ۽ اسان ان موڙ تي بيٺل آهيون جتي ملڪ کي سيڪيولر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اسان ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته هي ملڪ بنگلاديش ناهي ۽ نه ئي حسينا واجد جي حڪومت اهي جو پاڪستان کي سيڪيولر ملڪ بڻايو وڃي، جي يو آءِ (ف) جي سربراهه چيو ته آئين ۾ ترميم جي ان لهجي سان قوم ورهائجي ويندي، سموريون مذهبي، سياسي پارٽيون ۽ زندگي سان لاڳاپيل هر شعبي جا ماڻهو دهشتگردي جي خلاف هڪ ئي صف ۾ بيٺل آهن، دهشتگردي مذهبي ۽ غير مذهبي ۾ نٿي ورهائجي دهشتگردي کي ڏوهه قرار ڏنو وڃي ۽ سڀئي گڏجيان خلاف اٿن، هن چيو ته 21 هين ترميم تي مشاورت لاءِ زندگي جي هر شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي گهرائينداسين ۽  قومياسيمبلي مان پاس ٿيدنڙ بل تي مشاورت کانپوءِ جامع ردعمل ڏينداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *