گهرو وزير ايگزٽ ڪمپني طرفان جعلي ڊگري وڪڻڻ جي تحقيقات ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ آءِ ٽي ڪمپني ايگزٽ طرفان جعلي ڊگريون وڪڻڻ جي تحقيقات ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چوڌري نثار آءِ ٽي ڪمپني ايگزٽ طرفان جعلي ڊگرين جي معاملي جي تحقيقات لاءِ ايف آءِ کي حڪم ڏنو آهي. چوڌري نثار چيو ته ملڪ  کي بدنام ڪندڙ اسڪينڊل  جي فوري طور تي جاچ ڪئي ويندي. واضح رهي ته آمريڪي نيويارڪ ٽائمز ايگزيٽ ۾ پاڪستاني سافٽ ويئر ڪمپني جو ڀانڊو کولي ڇڏيو.انڪشاف ڪيا هئا ته ايگزيٽ ڪمپني مبينا طور جعلي آن لائين ڊپلوما ۽ ڊگرين جي پيشڪش ڪري سالانا اربين رپيا ڪمائي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *