پ پ جي دؤر ۾ وڏا ترقياتي ڪم ٿيا آهن، آفيسرن کي واضع گائيڊ لائين ڏني آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ ڪراچي ۾ وڏي پيماني تي ترقياتي ڪم ٿيا آهن ۽ هاڻ به ڪيترن منصوبن تي ڪم جاري آهي. آفيسرن کي واضح گائيڊ لائن ڏني وئي آهي. ٽي وي چينلز تي ڪجهه اينڪرز رات جو سنڌ حڪومت ۽ حڪومت جي عهديدارن جا نالا وٺي هروڀرو تنقيد ڪن ٿا، جيڪڏهن اسان هتڪ عزت جو عدالتن ۾ وڃي ڪيس ڪريون ته اينڪرز لاءِ ڏکيائي ٿيندي. صفائي جي ڪم کي ”آئوٽ سورس“ ڪنداسين. سنڌ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ سيپٽمبر کان ڪم شروع ڪندو. اپوزيشن جي هڪ عورت ميمبر مون تي تنقيد ڪئي آئون ان جو جواب ان لاءِ ڏيندس ته ان عورت ميمبر سينيٽ جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي حمايت ڪئي هئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٽئين ٽه ماهي رپورٽ تي بحث دوران خطاب ڪندي ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اپوزيشن ميمبرن بلديات کاتي جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪئي. وزيرن جي ذميواري آهي ته هو گڊ گورننس لاءِ پنهنجن کاتن جي آفيسرن کي گائيڊ لائن ڏين. معاملن کي سڌارڻ لاءِ ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪم ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪجهه ٽي وي چينلز تي ڪجهه اينڪرز رات جو سنڌ حڪومت ۽ حڪومت جي عهديدارن جا نالا وٺي هروڀرو تنقيد ڪن ٿا، جيڪڏهن اسان هتڪ عزت جو عدالتن ۾ وڃي ڪيس ڪريون ته اينڪرز لاءِ مشڪلات ٿيندي. اسان انهن کي اها گذارش ڪريون ٿا ته هو ثبوتن سان ڳالهه ڪن. صرف تاثر جي بنياد تي ڳالهه نه ڪن. شرجيل ميمڻ چيو ته بلديات کاتي ۾ ڪجهه هنڌن تي سٺن آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي ۽ مونکي بهتري نظر آئي آهي. 100 سيڪڙو نتيجا حاصل ناهيون  ڪري سگهيا پر بهتري آئي آهي، حيدرآباد ۾ سٺو ايڊمنسٽريٽر، ڪمشنر ۽ سٺو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو آهي، جنهن سان اتي واضح بهتري آئي آهي. 8 کان 10 ضلعن ۾ بهتري ٿي آهي، جنهن حڪمت عملي سان اسان هلي رهيا آهيون، اسان پوري سنڌ ۾ بهتري ڏسي رهيا آهيون. قبضا ختم ڪري رهيا آهيون. صفائي سٿرائي تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي. اتر سنڌ ۾ بلديات کاتي جو اسٽاف نساسسڪ لاءِ ڪم نه ڪندو ڇو ته ان جي ڪارڪردگي مان اسان ڪنهن صورت ۾ مطمئن نه آهيون. هن چيو ته هاڻ نساسسڪ پنهنجي اسٽاف جو پاڻ انتظام ڪري. شرجيل ميمڻ چيو ته صفائي جي ڪم کي ”آئوٽ سورس“ ڪنداسين. سنڌ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ هلندڙ سال جي سيپٽمبر کان ڪم شروع ڪندو. هڪ آمريڪي ڪمپني کي به ڪراچي جي ڪجهه حصن ۾ ڪچرو کڻڻ جو ڪم ڏيڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. ٻين ڪمپنين سان ڳالهه هلي رهي آهي. بورڊ  کانسواءِ ڪراچي ۾ صفائي جو ڪم نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڪراچي جي ترقي لاءِ پيپلز پارٽي جي حڪومت هميشه ڪم ڪيو آهي. شارع فيصل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ٺهرائي. فلائي اوورز جو تصور شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڏنو. پيپلز پارٽي جي دور ۾ پل، انڊر پاسز ۽ فلائي اوور تعمير ٿيا. هلندڙ سال دوران ملير 15، ملير هالٽ، واٽر پمپ، عائشه منزل، ڊاڪخانه، تين هٽي تي فلائي اوور جو گهڻو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. ڪيترن نون فلائي اوورز تي ڪم ٿي رهيو آهي. مهراڻ انڊر پاس ۽ فلائي اوورز چئن مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندا. هن چيو ته هن وقت به ڪراچي ۾ ڪيترين ئي ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ رستن جو پچ ورڪ ٿي رهيو آهي. اسٽريٽ لائٽس تي به ڪم ٿي رهيو آهي. صفائي سٿرائي لاءِ گاڏين جي مرمت ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته وڌ کان وڌ ترقياتي ڪم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. ٽي وي چينلز تي اهو تاثر ڏيڻ ته ڪم نه ٿي رهيو آهي اهو تاثر غلط آهي. بدين ۽ ٿر ۾ رستن تي ڪم ٿيو آهي. ڪراچي – ٺٽو ڊيوئل ڪيريج وي ٺاهيو پيو وڃي. صوبي ۾ مواصلاتي نظام تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو آهي. هن ئي مهيني وزيراعليٰ سنڌ ان منصوبي جو آغاز ڪندو. ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي توسيع تي ڪم ٿي رهيو آهي. ڪراچي جي متاثر علائقن ۾ 1000 ٽينڪرز ذريعي پاڻي فراهم ڪري رهيا آهيون. اپوزيشن ليڊر جي تجويز مطابق انهن ٽينڪرز جي ورڇ ڊپٽي ڪمشنرز جي ذريعي ڪرائي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان جو ڪو ذاتي مفاد نه آهي. الزامن جي اوٽ ۾ ذاتي حملا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ٿرپارڪر ۾ سالار هائوس منهنجي پٽ جي نالي تي آهي. اهو هائوس مون ان وقت ٺاهيو هو جڏهن آئون وزير نه هئس. اپوزيشن جي هڪ عورت ميمبر مون تي تنقيد ڪئي آهي ان جو جواب ان لاءِ ڏيندس ته ان عورت ميمبر سينيٽ جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي حمايت ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *