گلوڪار عدنان سميع کي ڀارت جي اعليٰ سول ايوارڊ سان نوازيو ويو

نئين دهلي(شوبز نيوز) گلوڪار عدنان سميع کي ڀارت جي اعليٰ سول ايوارڊ پدماشري سان نوازيو ويو.ڀارتي ميڊيا موجب پدماشري ايوارڊز 2020 جي تقريب دهلي جي راشٽراپتي ڀون ۾ ٿي، جتي ڀارتي صدر رام نام ڪووند فلم انڊسٽري ۾ ڪارڪردگي تي شوبز شخصيتن کي ايوارڊ ڏنا.ڀارتي صدر گلوڪار عدنان سميع، ڪنگنا رناوت، ڪرن جوهر ۽ ايڪتا ڪپور کي به ايوارڊ سان نوازيو.ڀارتي ميڊيا موجب پدماشري ايوارڊ جي تقريب ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سميت ٻين اعليٰ حڪومتي شخصيتن به شرڪت ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *