ڪپتان وليمسن جي ذميواراڻي بيٽنگ، نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي سخت مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي ڇڏي

لنڊن(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ جي 25 هين ميچ ۾ نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي سخت مقابلي کانپوءِ 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن ڏکڻ آفريڪا جي 242 رنسن جي جواب ۾ ڪپتاني/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 04

اننگز کيڏندي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري، وليمسن ڇڪو هڻي شاندار سينچري اسڪور ڪئي ۽ 103 رنسن سان ناقابل شڪست رهوي، بليڪ ڪيپس گهربل هدف 6 وڪيٽن تي 4 بال اڳ حاصل ڪيو.آل رائونڊر گرينڊوم ڪپتان جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ ذميواراڻي اننگز کيڏي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ٻنهي بيٽسمين وچ ۾ ڇهين وڪيٽ تي 91 رنسن جي حصيداري قائم ٿي جڏهن ته گرينڊهوم 60 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته اوپنر گپٽل 35، منرو 9، ٽيلر ۽ ليٿم هڪ، هڪ جڏهن ته جمي نيشن 23 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪرس مورس 3، ربادا، نگيڊي ۽ ڦلڪوايو هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *