ڪوڙي اسٽوري عمران نيازي جي هدايت تي ڇاپي وئيۡ: شهباز شريف

لنڊن(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ڪوڙي خبر شايع ڪرڻ تي برطانوي اخبار ڊيلي ميل ۽ صحافي ڊيوڊ روز جي خلاف لنڊن جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. مسلم ليگ ن جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ڪوڙي خبر شايع ڪرڻ تي برطانوي اخبار ڊيلي ميل ۽ صحافي ڊيوڊ روز جي خلاف لنڊن جي هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ عدالت طرفان ڊيلي ميل اخبار ۽ صحافي ڊيوڊ روز کي نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيا آهن. لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس دوران شهباز شريف جو چوڻ هو  ڪوڙي اسٽوري عمران خان نيازي جي هدايت تي ڇاپي وئي، نيب ۽ نيازي ڳٺ جوڙ نه هجي ها ته منهنجي خلاف آشيانه ڪيس نه هجي ها، چيف جسٽس عدالت ۾ چيو ته نيب ٻڌائي شهباز شريف ڪٿي ڪرپشن ڪئي آهي. شهباز شريف جو چوڻ هو ته نيب جو اڄ تائين مون کي فارمل نوٽيس ناهي مليو، نواز شريف جي قيادت هيٺ پاڪستان ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن ۾ ڪيترائي بلين بچايا پر عمران خان جي ساٿين جيڪو ڪيو ان جو لنڊن هاءِ ڪورٽ ۾ انصاف ٿيندو. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف طرفان دعويٰ 14 جولاءِ تي هن جي خلاف شايع ٿيندڙ آرٽيڪل تي داخل ڪئي وئي آهي، آرٽيڪل ۾ شهباز شريف تي برطانوي عوام جي ٽيڪس جي پيسي ۾ گهوٻين جو الزام لڳايو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *