صحت ۽ تعليم جي موجوده انتظامي سرشتي کي مڪمل طور تي فعال بڻايو وڃي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سي ڊي اي ۾ سڌارن جو بنيادي مقصد عوام کي بهترين شهري سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ معاشي ۽ اقتصادي عمل ۾ واڌ ڪرڻ آهي، صحت ۽ تعليم جي موجوده انتظامي سرشتي کي مڪمل طور تي فعال بڻايو وڃي، اسلام آباد ۾ ماحوليات جي تحفظ ۽ شهر جي قدرتي سونهن کي برقرار رکڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ رياستي جي ذميواري آهي، ڪمزور ۽ غريب طبقي جو تحفظ ڪيو وڃي، خميس تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال، ترقياتي معاملن ۽ شهرين کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان جائزي وارو اجلاس ٿيو جنهن ۾ شفقت محمود، اسد عمر، خرم شهزاد نواز، سي ڊي اي چيئرمين عامر احمد علي، آءِ جي اسلام آباد محمد عامر ذوالفقار خان ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي، سي ڊي اي جي چيئرمين ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ زمين جي خريد ۽ وڪرو ۽ لينڊ رڪارڊ جي نظام کي ڊجٽيل بڻايو پيو وڃي ۽ ان ڏس ۾ بايو ميٽرڪ سسٽم آندو ويو آهي، اسلام آباد جي قيام کانپوءِ پهريون ڀيرو ڊي سي ريٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، اسلام آباد جو لينڊ رڪارڊ ايندڙ 6 مهينن ۾ ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو ويندو، انتظامي سرشتي کي موثر بڻائڻ لاءِ ان جو نئين سر جائزو ورتو پيو وڃي، گاڏين سان لاڳاپيل ٽيڪسز جي شرح جي نئين سر تعين جي حوالي سان ڄاڻ ڏني وئي، وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سي ڊي اي ۾ سڌارن جو بنيادي مقصد عوام کي بهترين شهري سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ معاشي ۽ اقتصادي عمل ۾ واڌ ڪرڻ آهي، وزيراعظم چيو ته صحت ۽ تعليم جي موجوده انتظامي سرشتي کي مڪمل طور تي فعال بڻايو وڃي، عمران خان چيو ته اسلام آباد ۾ ماحوليات جي تحفظ ۽ شهر جي قدرتي سونهن کي برقرار رکڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، وزيراعظم چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ رياستي جي ذميواري آهي، ڪمزور ۽ غريب طبقي جو تحفظ ڪيو وڃي، جي سيون ۽ جي ايٽ انڊر پاسز، عطا ترڪ ايوينيو کي ٻٽو ڪرڻ، برما بيرج جي اڏاوت ۽ ڪيپيٽل اسپتال ۾ وڌيڪ بلاڪ جي اڏاوت جي جهڙين رٿائن تي وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم عمران خان صحت ۽ تعليم جي حوالي سان حدف ۽ گهربل وسيلن جي نشاندهي واري عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته صحت ۽ تعليم جي موجود انتظامي ڍانچي کي فعال بڻايو وڃي ته جيئن موجود وسيلن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي. وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته اسلام آباد هر لحاظ کان هڪ ماڊل سٽي هئڻ گهرجي، وزيراعظم خاص طور تي ڪمزور طبقي جي تحفظ تي زور ڀريو، وزيراعظم وڏن ڏوهارين ۽ قبضي مافيا جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *