ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي گورنر ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان ڌار ڌار ملاقات، امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار، گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ڌار ڌار  ملاقات ڪري ٽارگيٽيڊ آپريشن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، سي ايم هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران 10 نيون دهشتگردي ٽوڙ عدالتون قائم ڪرڻ ۽ برانڊ بينڊ انٽرنيٽ سسٽم کي بايوميٽرڪ ڪرڻ وارن فيصلن جي واکاڻ ڪئي وئي. سـِي ايم هائوس ڪراچي ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اپيڪس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد، امن امان جي صورتحال ۽ ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽيڊ آپريشن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سي ايم هائوس جي ترجمان موجب، ملاقات دوران اپيڪس ڪميٽي جي اجلاسن ۾ ٿيل فيصلن تي عملدرآمد ڪندي 10 نيون دهشتگردي ٽوڙ عدالتون قائم ڪرڻ ۽ برانڊ بينڊ انٽرنيٽ سسٽم کي بايوميٽرڪ ڪرڻ وارن فيصلن جي واکاڻ ڪئي وئي. ذريعن موجب، ملاقات دوران رينجرز جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو ۽ ان عزم کي ورجايو ويو ته ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رکيو ويندو. وڏي وزير سان ملاقات بعد ڪور ڪمانڊر گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران قومي ايڪشن پلان ۽ امن امان جي صورتحال تي ويچاريو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *