ڪراچي آپريشن هر رنڊڪ ختم ڪري اثرائتي انداز ۾ اڳتي وڌائينداسين: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جو چوڻ آهي ته ڪراچي آپريشن کي پوري پاڪستان جي عوام جي حمايت مليل آهي،ان جي واٽ ۾ ايندڙ هر رنڊڪ ختم ڪنداسين.تفصيل مطابق وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ڊي يج رينجرز سنڌ کي فون ڪيو،جنهن دوران ڪراچي آپريشن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ تي صلاحون ڪيون ويون.ذريعن مطابق چوڌري نثار پوليس ۽ رينجرز جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪراچي آپريشن کي وڌيڪ اثرائتي ۽ بهتر انداز ۾ اڳتي وڌايو ويندو. سندس چوڻ هو ته ڪراچي آپريشن کي رڳو ڪراچي ئي نه پر پوري پاڪستان جي عوام جي حمايت مليل آهي،ان آپريشن جي واٽ ۾ ايندڙ هر رنڊڪ کي ختم ڪري اڃان اڳتي وڌايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *