ڪورونا ۾ واڌ، سنڌ ۾ نين پابندين ۽ ويڪسينيشن مهم وڌيڪ تيز ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي سربراهي ۾ ڪورونا وائرس بابت اجلاس ۾ نين پابندين جو اعلان ڪيو ويو. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومري، صحت سيڪريٽري ذوالفقار شاهه، سڄي سنڌ جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڊي ايڇ اوز سميت ٻين ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ ڪورونا وائرس ويڪسينيشن جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اختيارين وبا جي صورتحال ۽ ويڪسينيشن تي بريفنگ ڏني، جڏهن ته  ويڪسينيشن مهم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کي ڏسندي ويڪسين جي حوالي سان قدمن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت آهي، اسان کي ان معاملي تي هاڻ ٻيهر سختي ڪرڻي پوندي، ماڻهو ايس او پيز کي نظرانداز پيا ڪن، جنهن سبب ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، شهرين کي ماسڪ پائڻ سميت ٻين پابندين تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي، ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ گهرو کاتي کي آن بورڊ ورتو وڃي. هن اعلان ڪيو ته شاپنگ مالز، شادي هالز وارن لاءِ لازمي هوندو ته ويڪسينيشن ڪارڊ بنا ماڻهن کي داخل ٿيڻ نه ڏين، ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪئي ويندي، اهلڪارن لاءِ ماسڪ پائڻ به لازمي قرار ڏنو وڃي، ان معاملي تي آءِ جي سنڌ کي لکيو وڃي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ويڪسين نه ڪئي وئي ته لکن ۾ ڪيس سامهون ايندا، ويڪسين ڊيٽا جو جائزو ورتو وڃي، جن علائقن ۾ گهٽ ماڻهن کي ويڪسين ٿي آهي، اتي ويڪسين ڊرائيو شروع ڪئي وڃي، گهر گهر ويڪسين جو پلان جوڙيو وڃي، خاص طور گهريلو عورتن جي ويڪسين لاءِ مائڪرو پلان جوڙيو وڃي، اڳ ۾ سخت قدم کنيا وڃن، پوءِ ماڻهن کي ويڪسين ڪرائڻ جو چيو وڃي. هن ڪراچي سينٽرل ضلعي جي اسڪولن ۾ ويڪسين جي گهٽ انگ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسڪولن ۾ ويڪسين کي يقيني بڻايو وڃي، ٻارن کي ٻيو ڊوز به مڪمل ڪيو وڃي، ڪچين آبادين ۽ ٻهراڙين ۾ ويڪسينيشن ٽيمن کي موڪلڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *