ڪشمير مسئلو ايٽمي جنگ جو سبب بڻجي سگھي ٿو: آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪن ٿنڪ ٽينڪ خبردار ڪيو آهي ته ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايٽمي جنگ جو سبب بڻجي سگھي ٿو. آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ اسٽار فور پنهنجي رپورٽ  ۾ چيو آهي ته جوهري صلاحيت رکندڙ پاڙيسري ملڪ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هن وقت ڇڪتاڻ عروج تي آهي جنهن جي شروعات نئين دهلي طرفان غير قانوني طور تي ڪشمير کي ڏنل خاص کي آئيني طور ختم ڪرڻ سان ڪئي وئي. ٿنڪ ٽينڪ رپورٽ موجب جوهري جنگ جي امڪانن ۾ واڌ ان وقت ي جڏهن ڀارت جي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگھه کليل لفظن ۾ خطي ۾ جوهري هٿيار استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، راج ناٿ هٿيار اسعتمال ڪرڻ جي آپريشن ۾ ڪنهن ملڪ جو نالو ته نه ورتو پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندس ڌمڪي واضح طور تي پاڪستان لاءِ هئي. رپورٽ موجب جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ نيوڪليئر هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو ته آمريڪا ۽ جاپان جي 1945ع ۾ ٿيل جنگ دوران جاپاني شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي جي تباهي کان پوءِ اهو جوهري جنگ جو پهريون واقعو هوندو. ٿنڪ ٽينڪ ان ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو ته ڪشمير مسئلو ڀارت جو اندروني معاملو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *