ڪراچي ۾ گرمي سبب فوتگين جي ذميوار وفاقي حڪومت نه آهي: خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) پـاڻـِي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڪراچي ۾ گرمي سبب فوتگين جي ذميوار وفاقي حڪومت نه آهي، هر معاملي تي وفاق کي ذميوار قرار ڏنو ويندو ته پوءِ صوبا ڇا ڪندا، ڪي اليڪٽرڪ سستي بجلي خريد ڪري مهانگي اگهه تي وڪرو ڪري منافعو ڪمائي رهيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ۾ واڌ ٿي آهي، بجلي جي پيدوار 13 هزار ميگاواٽ ۽ طلب 16 ميگاواٽ آهي، هن وقت شارٽ فال 3 هزار تائين رهجي ويو آهي ۽ هاڻي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پهرين رمضان کان ملڪ ۾ بجلي جو بحران ٿيو، پر ڪراچي ۾ گرمي سبب فوتگين جي ذميوار وفاقي حڪومت نه آهي، شهر ۾ پاڻي جي کوٽ آهي. خواجه آصف چيو ته ڪراچي ۾ گرمي سبب فوتگين جو الزام وفاق مٿان لڳايو پيو وڃي، ٿر ۾ ايترا ماڻهو ڏڪار سبب فوت ٿيا، ڇا ان جو ذميوار به وفاق آهي، هر معاملي تي وفاق کي وچ ۾ آندو ويندو ته پوءِ صوبا ڇا ڪندا.؟ پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ڪي اليڪٽرڪ کي معاهدو ختم ٿيڻ باوجود 650 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪري رهي آهي،  ڪي اليڪٽرڪ وفاق کان سستي اگهه تي بجلي خريد ڪري  منافعو ڪمائي ٿو، ڪراچي کي بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپني ڏانهن تقريبن 58 ارب رپيا رهيل آهن، جيڪي ادا نٿا ڪيا وڃن. خواجه آصف دعويٰ ڪئي ته شهر ۾ 5 ڪلاڪ ۽ ٻهراڙي ۾ 8 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ بجلي جي صورتحال ڪافي بهتر ٿي چڪي آهي. بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي وصولين بابت ٻڌائيندي وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته فيسڪو جي وصولي 100 سيڪڙو، حيسڪو جي 76 سيڪڙو ۽ سيپڪو جي 58 سيڪڙو آهي. خواجه آصف جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڊسٽري بيوشن لائين بهتر ٿيون آهن، بجلي چوري ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ تي عملدارن کي شهيد ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته قطر سان ايل اين جي خريداري جو معاهدو فائنل ناهي ٿيو، معاهدو ٿيڻ بعد سستي ايل اين جي فراهم ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *