ڪراچي ۾ مٺائي بم جي ذريعي پوليس آفيسرن ۽ سياستدانن کي قتل ڪرڻ جي منصوبي جو انڪشاف

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچيءَ ۾ مٺائي بم ذريعي پوليس آفيسرن ۽ سياستدانن کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب ڪراچي پوليس آفيسر ۽ سياستدان ان حوالي سان هوشيار ٿي وڃن ۽ مٺائي تحفي طور نه وٺن. ڪجهه ڏينهن اندر گرفتار ڪيل دهشتگردن مٺائي جي دٻي ۾ بم رکي پوليس آفيسرن ۽ سياستدانن ڏانهن اماڻي انهن جي قتل جو انڪشاف ڪيو آهي سيڪيورٽي خدشن تي ڳجهن ادارن پيغام جاري ڪري ڇڏيو آهي پيغام موجب ٻن ڪالعدم تنظيمن مٺائي جي دٻن ذريعي دهشتگردي جو منصوبو جوڙي ورتو آهي ان حوالي سان سي ٽي ڊي ڪارروائي دوران مٺائي جي دٻن ۾ تيار ڪيل بم هٿ ڪري ورتا. مٺائي بم پوليس آفيسرن ۽ سياستدانن لاءِ اماڻڻا هئا. انهن مٺائي بم دٻن جي ذريعي ايس ايس پي رائو انوار، ايس ايس پي سٽي، ايس ايس پي ويسٽ هٽ لسٽ تي هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *