ڀارت سان پٽاٽا ۽ بصرن وارو واپار بند ڪري سندس اکين ۾ اکيون وجهي ڌمڪين جو جواب ڏنو وڃي: سراج الحق

لاهور (بيورو) امير جماعت اسلامي سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته آمريڪا پاران پاڪستان کي ايف 16 جهازن جي وڪرو جي منظوري سان ڀارت تپي باهه ٿي ويو آهي ۽ نيئن دهلي ۾ رهيل آمريڪي سفير کي گهرائي باقاعده احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي حڪومت پاڪستان ڀارت بابت پنهنجي نرم پاليسي تي نظرٿاني ڪري حڪومت ۽ مخالف ڌر ذاتي مفادن لاءِ متحد ٿي وڃن ٿيون جڏهن ته عوام جي مسئلن ۽ پريشانين جو کين احساس ئي ناهي پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن گڏيل طور تي پنهنجن پگهارن ۽ مراعتن ۾ ٻيڻو اصافو ڪري ڇيڏو آهي اسيمبلي ۾ گهراڻي اميرن سان تعلق رکندڙ ميمبرن جي آهي عوام غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين جان بچائيندڙ دوائن جي قيمتن ۾ 70 کان 120 سيڪڙو تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي پر حڪومت جي ڪن تي جونءِ به نه ٿي چري ۽ نه ئي مخالف ڌر ان جو نوٽيس ورتو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره ۾ مختلف وفدن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پوري دنيا کان ڀارت هٿيار خريد ڪري ڍير لڳائي ڇڏيا آهن ڀارت کي ڪنهن کان خطرو آهي روزانو پاڪستان کي ڀارت جي ذميوارن پاران سبق سيکارڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن پاڪستان خلاف ان جي نفرت جو اهو عالم آهي ته پاڪستان کي پنهنجي دفاع لاءِ چار جهاز ته ڏنا آهن پر ڀارت کي باهه لڳي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *