ڪراچي ۾ فائرنگ ۽ پرتشدد واقعا، 3 ڄڻا مارجي ويا، 3 ٽارگيٽ ڪلرز گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾فائرنگ ۽ پــُرتشدد جي واقعن ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا،جڏهن ته پوليس ٽن ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب پاپوش نگر ۾ موٽر سائيڪل سوارن جي فائرنگ ۾ ايم ڪيو ايم جو همدرد عامر خان عرف بابو پان والا مارجي ويو،جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب نويد نالي شخص زخمي پڻ ٿيو. گارڊن جي علائقي شو مارڪيٽ وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي. جنجال ڳوٺ مان عبدالقادر  نالي شهري جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو،جڏهن ته منگهي پير ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اعجاز نالي شخص زخمي ٿي پيو. ٻئي طرف پوليس فيڊرل بي ايريا ۾ ڇاپو هڻي ٽن ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب جوابدار نادر، صلاح الدين ۽ آصف ٽارگيٽ ڪلنگ سميت سنگين ڏوهن جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *