آبادگارن کي سارين ۽ ڪمند کانپوءِ ڪڻڪ ۾ به نقصان پهچايو پيو وڃي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ناڻي واري صوبائي وزير مراد علي شاهه چيو ته صوبن وٽ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود هئڻ باوجود وفاق يوڪرين مان غيرمعياري ڪڻڪ گهرائي، جڏهن ته فنڪشنل ليگ ميمبرن نصرت سحر عباسي کي ٺهراءَ جي اجازت نه ملڻ تي احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس دوران ناڻي واري صوبائي وزير مراد علي شاهه ايوان کي آگاهي ڏيندي چيو ته وزيراعظم  ڪڻڪ معاملي تي اسحاق ڊار کي سنڌ سرڪار سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ چيو پر هو ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. مراد علي شاهه چيو ته صوبن وٽ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود هئڻ باوجود وفاقي سرڪار يوڪرين مان غير معياري ڪڻڪ خريد ڪئي. هن چيو ته ڪڻڪ ايڪسپورٽ نه ٿيڻ سبب لکين مڻ گدامن ۾ پيل آهي ۽ هلندڙ سال 9 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙي آگاهي بعد پ پ ايم پي اي مراد علي شاهه چيو ته آبادگارن کي سارين ۽ ڪمند کانپوءِ ڪڻڪ ۾ نقصان پهچايو پيو وڃي. هن چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 2لک ٽن گهٽ ڪڻڪ خريد ڪرڻ سان ننڍن آبادگارن کي تمام گهڻو نقصان پهچندو ۽ ڪڻڪ 13سئو بدران 5 کان 6سئو رپين ۾ وڪرو ٿيندي. اجلاس دوران صوبائي وزير نثار کهڙي ايوان کي ٻڌايو ته هنن ڀٽ شاهه ۾ لانگ مارچ ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون پر لانگ مارچ ڪندڙ ضد تي آهن ته هو هر صورت ۾ ڪراچي پهچندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *