ڪراچي جي ميٽرڪ بورڊ ۾ 6 سئو کان وڌيڪ غير قانوني ڀرتين جو انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميٽرڪ بورڊ ۾ 6 سئو کان وڌيڪ غير قانوني ڀرتين جو انڪشاف ٿيو آهي. اينٽي ڪرپشن جي ذريعن موجب ڪراچي جي ميٽرڪ بورڊ ۾ 17هين ۽ 18هين گريڊ ۾ قائدن جي لتاڙ ڪري ڀرتيون ڪيون آهن. اينٽي ڪرپشن جي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب، بورڊ پاران ڀرتين کان اڳ اشتهار به شايع ڪرائڻ ضروري نه سمجهيو ۽ نه وري انٽرويوز ورتا ويا. ذريعن موجب ميٽرڪ بورڊ آفيس ۾ ضرورت کان وڌيڪ عملو مقرر ٿيل آهي. اينٽي ڪرپشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بورڊ پاران جعلي ڊگريون جاري ڪرڻ واري معاملي جي جاچ به هلندڙ آهي،جڏهن ته ڇنڊڇاڻ اڃا مڪمل ناهي ٿي. اينٽي ڪرپشن جي ذريعن موجب ميٽرڪ بورڊ جي اختيارين پاران ڳري رقم عيوض امتحان ۾ ڪامياب ڪرائڻ جي جاچ به هلندڙ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *