سوزاني خان ٻيهر شادي ڪرڻ جي افواهه کي رد ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رٿيڪ روشن جي اڳوڻي زال سوزاني خان ٻيهر شادي ڪرڻ جي افواهه کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق سوزاني خان ٻيهر شادي ڪرڻ جي حوالي سان ميڊيا تي هلندڙ افواهن جي باري ۾ بيان جاري ڪندي چيو ته منهنجي باري ۾ ميڊيا تي افواهون جي بنياد ۽ ڪوڙيون آهن. هن چيو ته انهن خبرن سان سندس خاندان جي جذبن کي ڏُک پهچي ٿو. هن ميڊيا کي چيو ته غط خبرون ڇاپڻ کان پاسو ڪري ذميواريءَ جو مظاهرو ڪيو وڃي. واضح رهي ته ميڊيا تي افواهون هلي رهيون هيون ته سوزاني رٿيڪ روشن جي ويجهي دوست سان شادي ڪرڻ واري آهي، جڏهن ته رٿيڪ روشن ۽ سوزاني خان 2000ع ۾ شادي ڪئي جيڪا گذريل سال ختم ٿي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *