
ملير ( رپورٽر) ڪاٺوڙ ويجهو موٽر وي تي تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، هڪ عورت ۽ ٻارڙو شديد زخمي، موٽر وي ايم نائين ڪاٺوڙ تي حيدرآباد کان ڪراچي ايندڙ ٽرالر ڪار کي ٽڪر هنيو، 18 ورهين جو ساگر پٽ شاهد، امبرون پٽ مبرون ۽ 25 ورهين جو فاروق فوت ٿي ويا، هڪ عورت شاهد ۽ ھڪ ٻارڙو زخمي ٿي پيا، ڪار سوار حيدرآباد کان ڪراچي طرف ايندي خراب ٿيل ڪار کي ڌڪو ڏيندي ٽرالر جو شڪار ٿي ويا، فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم ۽ زخمين کي علاج لاءِ عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندن حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.