سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي ۾ ٻيهر تڪرار، ڪال اٽينڊ نه ڪرڻ تان پڇاڻو، ڪليم امام وزيراعليٰ هائوس طلب

ڪراچي(م.ڊ) سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي پوليس ۾ پوليس اختيارن جي معاملي تان ٻيهر تڪرار، فون ڪال اٽينڊ نه ڪرڻ تان سرڪار طرفان ڪليم امام کان خط لکي پڇاڻو، وڏي وزير آءِ جي کي وزيراعليٰ هائوس طلب ڪري ورتو، ان ڏس ۾ صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته آءِ جي کي ڪابينا اجلاس ۾ گھرايو سين پر هو اتي به نه آيو. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب نئون پوليس آرڊر سنڌ اسيمبلي مان منظور ٿيڻ باوجود آءِ جي پوليس ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اختيارن واري معاملي تان تڪرار پيدا ٿي ويو، قابل اعتماد ذريعن موجب آءِ جي ڊاڪٽر ڪليم امام سرڪار جي مرضي تحت آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ته نه ڪيون پر هن سنڌ حڪومت جي وزيرن ۽ ترجمان جي ڪال به اٽينڊ ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي، جنهن تي حڪمرانن سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو. حڪومتي ذريعن موجب سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب آءِ جي سنڌ کي هڪ خط اماڻي کانئس ڪال اٽينڊ نه ڪرڻ توڙي حڪم نه مڃڻ تي پڇاڻو ڪيو. خط ۾ آءِ جي سنڌ کي مخاطب ٿيندي چيو ويو ته هٿيارن جي خريداري ۽ سيپرا رولز متعلق اوهان کان راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ ڪال ڪئي پر اوهان ڪال اٽينڊ نه ڪئي، محرم دوران سيڪيورٽي معاملن بابت اوهان کان ڪجهه پڇڻو هو پر اوهان ڪال اٽينڊ نه ڪئي، اوهان کي ڪافي دفعا ڪال ڪئي پر اوهان ڪو به رسپانس نه ڏنو، جنهن تي افسوس ٿيو آهي. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته آءِ جي آفيس جي سجاوٽ تي ڪيترو خرچ آيو؟ قانون تحت 25 هزار کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ تي گھرو کاتي کان اجازت وٺڻي پوندي آهي، اوهان آفيس جي مرمتي ڪم تي ڪيترو خرچ ڪيو؟، ڇا اوهان گھرو کاتي کان منظوري ورتي آهي؟ خط ۾ آءِ جي آفيس تي ٿيل خرچ ۽ ٻين معاملن تي آءِ جي کان جواب گھريو ويو آهي. هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊاڪٽر ڪليم امام کي وزيراعليٰ هائوس طلب ڪيو. جنهن تي ڊاڪٽر ڪليم امام وزيراعليٰ پهچي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب وڏي وزير آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين جي معاملي تان سنڌ حڪومت جا حڪم نه مڃڻ تي آءِ جي کان پڇاڻو ڪيو، وڏي وزير ڊاڪٽر ڪليم امام کان اهو به پڇيو ته ڪابينه ميمبرن ۽ ترجمان جي ڪال اٽينڊ ڇو نٿي ڪئي وڃي؟. ذريعن موجب ملاقات دوران پوليس جي انتظامي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ميڊيا کي ٻڌايو ته سنڌ پوليس صوبائي حڪومت جو ماتحت ادارو آهي، پوليس ۽ حڪومت ۾ ڪي به اختلاف ناهن. مرتضيٰ وهاب جتي اختلافن جي ترديد ڪئي، اتي هن اهو به چيو ته سنڌ پوليس جا آفيسر حڪومت ۽ قانون جي ماتحت آهن، وڏووزير پنهنجي ماتحت آفيسر(آءِ جي) کي نه گھرائيندو ته ڪنهن کي گھرائيندو؟ هن چيو ته آءِ جي جو ڪم قانونسازي ڪرڻ ناهي، ا هو آءِ جي جو اختيار ئي ناهي، قانونسازي ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، سنڌ پوليس جي آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين جا حڪم جاري ٿي چڪا آهن، سندن مقرريون ۽ بدليون ٿي ويون آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *