چيني صدر جي هٿياربند فوجن جي سربراهن سان ملاقات، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تعاون جي خاطري

اسلام آباد (بيورو) پاڪ فوج جي ترجمان موجب چيني صدر شي چنگ پنگ ٽنهي هٿياربند فوج جي سربراهن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن خطي ۾ امن لاءِ پاڪ فوج جي ڪوششن کي ساراهيندي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان تعاون جاري رکڻ جو يقين ڏياروي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل عاصم باوجوده موجب چيني صدر سان ٿيندڙ ان اهم ملاقات ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس اسٽاف ڪميٽي جنرل راشد محمود، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، نيول چيف ايڊمرل ذڪا الله ۽ ايئرچيف مارشل سهيل امان به شريڪ ٿيا جڏهن ته ملاقات ۾ چيني صدر دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن لاءِ پاڪ فوج جي ڪوششن کي ساراهيو. ترجمان موجب چيني صدر آپريشن  ضرب عضب کي انتهائي اهم ۽ گيم چينجر قرار ڏيندي چيو ته آپريشن پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ترجمان موجب چيني صدر شي چنگ پنگ عسڪري قيادت کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تعاون جاري رکڻ جو يقين ڏياريندي چيو ته چين هر معاملي ۾ پاڪستان سان گڏ آهي ۽ هر چئلينج ۾ به ساڻس بيٺل هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *