چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو خطي ۾ تبديلي جو اهڃاڻ ثابت ٿيندو: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو خطي ۾ تبديلي جو اهڃاڻ ثابت ٿيندو، هو ڪالهه هتي پاڪستاني فرينڊز جي نمائندن سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو ان موقعي تي عوامي جمهوريه چين جو صدر شي چن پنگ به موجود هئا، حڪومت ۽ عوام طرفان چيني صدر جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو خوشحالي جو نئون باب هوندو، علائقائي رابطي ۽ اقتصادي وحدت لاءِ هي منصوبو گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو، صدر چيو ته علائقائي رابطي، عالمي امن ۽ ترقي جي چين جي خواب سان اجتماعي ترقي ۽ خوشحالي جو ڳاٽ اونچو ٿيندو، پاڪستان چيني صدر جي شاهراهه ريشم روڊ اقتصادي پٽي ۽ سامونڊي رستي جي خواب کي تعبير ڪرڻ ۾ مڪمل تعاون ڪيو آهي، صدر چيو ته چيني صدر جو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻه طرفي گهري دوستاڻن لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جو اضافو آهي، ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين جي صدرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندڙن ۾ دوستي ايوارڊ به ورهايا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *