چيف جسٽس کي سموسي ۽ کنڊ جي قيمت جا نه، آئيني معاملن جا فيصلا ڪرڻ گهرجن: بلاول

لاهور: (م.ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀتو زرداري چيو آهي ته احتساب جي اهڙي نظام جي ضرورت آهي جيڪو تڪراري نه هجي، پارليامينٽ جو ڪردار اسان جي اميدن موجب ناهي، ادارن جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. پاڪستان جمهوريت بجاءِ آمريت طرف وڌي رهيو آهي. لانگ مارچ قانون ۽ آئين کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ آهي.  بلاول ڀٽو لاهور هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي چيو ته قانون کان سواءِ ڪابه رياست قائم نٿي ٿي سگهي. ملڪ ۾ قانون جي بالادستي لازمي آهي. ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي آئين ڏنو. قانون رياست ۽ عوام وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندو آهي. منهنجي والده ۽ پيءُ کي عدالتن باعزت بري ڪيو. آصف رداري ۽ بينظير مٿان ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا. قانون کان سواءِ جمهوريت ممڪن نه آهي. بلاول ڀتو چيو ته عمران خان جي دور ۾ پاڪستان جمهوريت کان پري ٿي آمريت طرف وڌي رهيو آهي. اسان ڪنهن هڪ پارٽي يا خاندان جي خلاف ناهيون وڙهي رهيا. اسان هن نظام جي خلاف وڙهي رهيا آهيون. پارليامينٽ جو ڪردار اسان جي اميدن موجب ناهي. اسان کي ادارن جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. پيپلز پارٽي هميشه پاڪستان ۽ وفاق جي ڳالهه ڪئي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته بي اعتمادي جي تحريڪ آڻڻ جي لاءِ هر پارليامينٽ جي ميمبر کي گڏ کڻي هلڻ واري مهم هلائينداسين عوام کي ڏيکارينداسين ته جڏهن معاشي بحران آهي، انساني حقن تي حملا ٿي رهيا آهن جمهوريت جو جنازي نڪري رهيو آهي ته ڪير هنن سان گڏ آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *