22 ڪروڙ عوام نالائق، نااهل ۽ سليڪٽيڊ حڪومت مان ڇوٽڪارو چاهي ٿي: سعيد غني

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير ۽ صدر پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن سعيد غني چيو آهي ته 27 فيبروري جو عوامي لانگ مارچ هن ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو لانگ مارچ هوندو. موجوده حڪومت جي مهانگائي هن ملڪ کي سخت متاثر ڪري عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن 27 فيبروري جي عوامي لانگ مارچ جي حوالي سان قائم ڪيل آرگنائيزنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري، نجمي عالم، آصف خان، شاهده رحماني سمورن ڊسٽرڪٽس جي صدرن، پيپلز لائرز فورم، پيپلز ڊاڪٽر فورم، پيپلز يوٿ، پيپلز اسٽوڊنس فيڊريشن، پيپلز ليبر بيورو، پيپلز انجنيئرنگ فورم جي صدرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته 27 فيبروري جو عوامي لانگ مارچ هن ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو لانگ مارچ ٿيندو. هن چيو ته موجوده حڪومت مهانگائي ڪري ملڪ کي سخت متاثر ڪري عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته هاڻي هن ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام هن نالائق، نااهل ۽ سليڪٽيڊ حڪومت مان ڇوٽڪارو چاهي ٿي ۽ ان لاءِ هو اڄ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ڏسي رهيا آهن. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ هن نالائق ۽ نااهل حڪومت عوام تي 12 روپيا في ليٽر جي قيمتن ۾ اضافو ڪري جيڪو پيٽرول بم جو تحفو ڏنو آهي ان جي بعد هاڻي غريب ۽ وچولي طبقو ٻن وقتن جي کاڌي جو محتاج ٿي ويو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وقار مهدي چيو ته ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ 27 فيبروري جي عوامي لانگ مارچ جون تياريون ڀرپور طريقي سان جاري آهن. هن چيو ته 27 فيبروري تي بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ مزار قائد کان نڪرڻ وارو عوامي لانگ مارچ موجوده نااهل حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. جاويد ناگوري خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي جي تنظيم عوامي لانگ مارچ جي تيارين جي سلسلي ۾ سمورن ضلعن ۾موبلائيزيشن ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن ۽ سمورن ضلعن ۾ استقباليه ڪيمپ لڳايا پيا وڃن. هن چيو ته سمورن ضلعن جي تحت پي ايس ۽ يوسي جي سطح تي ڪارڪن هن عوامي مارچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هزارن جي تعداد ۾ تيار آهن. اجلاس ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين تياريون عروج تي آهن ۽ سمورن شهرن ۽ ضلعن ۾ پارٽي جي پرچم ۽ بينرز لڳايا ويا آهن ۽ عوامي مارچ ۾ شرڪت لاءِ صرف ڪراچي کان هزارين ماڻهو گاڏين ۾ سوار ٿي ڪري پنهنجي چيئرمين سان گڏ اسلام آباد ڏانهن روانو ٿيندا.  

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *