
لاهور (بيورو) اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته هـــو ڪنهن معاهدي تحت پرڏيهه نه ويو آهي، ڊاڪٽرز پاران کيس اجازت ملڻ بعد ڏيهه واپس موٽي ايندو. ق ليگ جي صدر چوڌري شجاعت حسين اڳوڻي صدر پرويز مشرف سان فون تي رابطو ڪري سندس خيرت معاملوم ڪئي. رابطي دوران اڳوڻي صدر پرويز مشرف پرويز الاهي ۽ چوڌري شجاعت کي دبئي اچڻ جي دعوت ڏني، جنهن تي چوڌري شجاعت چيو ته دبئي وڃڻ جو فيصلو پارٽي مشاورت بعد ڪيو ويندو. اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته هـــو ڪنهن معاهدي تحت پرڏيهه نه ويو آهي، ڊاڪٽرز پاران کيس اجازت ملڻ بعد ڏيهه واپس موٽي ايندو.