ترقياتي فنڊن جي حوالي سان ڪيترن ئي کاتن جي ڪارڪردگي بهتر ناهي: وڏو وزير جو اعتراف

ڪراچي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت  بنا ڪنهن سماجي ۽ سياسي فرق جي صوبي جي عوام جي بهتري، انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ ماڻهن کي وڌ کان وڌ روزگار جي فراهمي جي خواهشمند آهي پر مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ترقياتي فنڊز جي حوالي سان ڪيترن ئي کاتن جي ڪارڪردگي سٺي نه آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ انتظامي کاتن جي سربراهن ۽ سيڪريٽريز جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ، آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم، سمورا صوبائي سيڪريٽريز، ڪمشنرز ۽ ٻين لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم پريزنٽيشن ڏيندي چيو ته صوبائي حڪومت ترقياتي ڪمن لاءِ مجموعي طور تي 213.649 بلين رپيا رکيا هئا جنهن مان 124 بلين رپيا صوبائي اي ڊي پي، 20 بلين رپيا ضلعي اي ڊي پي، وائيبلٽي گيپ فنڊ لاءِ 15 بلين رپيا، پرڏيهي فنڊ تحت منصوبن لاءِ 26.985 بلين رپيا ۽ وفاقي پي ايس ڊي پي تحت 9.664 بلين رپيا شامل آهن. صوبائي اي ڊي پي جا تفصيل ٻڌائيندي محمد وسيم چيو ته 1762 جاري اسڪيمن لاءِ 106.184 بلين رپيا رکيا ويا ۽ 590 نئين اسڪيمن لاءِ 35.816 بلين رپيا رکيا ويا هئا. هن چيو ته ناڻي کاتي مجموعي طور تي مختص ڪيل 142 بلين رپين جي مقابلي ۾ 78.102 بلين رپيا جاري ڪيا جڏهن ته کاتن 43.401 بلين رپيا استعمال ڪيا. اهڙي طرح جاري ڪيل فنڊن جي فيبروري 2016ع تائين جي استعمال جو سراسري طور 56 سيڪڙو بڻجي ٿي. هن چيو ته سماجي ڀلائي کاتي کي جاري ڪيل 51.997 ملين رپين مان صرف 4.32 ملين رپيا استعمال ڪيا ويا جيڪو اهڙي ريت جاري ڪيل فنڊن جو 8 سيڪڙو بڻجي ٿو. ٽرانسپورٽ کاتي جاري ڪيل 595.123 ملين رپين مان 184.25 ملين رپيا استعمال ڪيا جيڪي جاري ڪيل فنڊن جو 31 سيڪڙو بڻجي ٿو. بهبود آبادي کاتي جاري ڪيل 25.25 ملين رپيا مان 6 ملين رپيا استعمال ڪيا جيڪي 25 سيڪڙو بڻجي ٿو. مائينر اينڊ منرل کاتي جاري ڪيل 27.372 ملين رپين مان 1.234 ملين رپيا خرچ ڪيا ويا جيڪي رڳو 5 سيڪڙو ٿين ٿا. محنت واري کاتي 14 سيڪڙو فنڊ استعمال ڪيا آهن. لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي 15 سيڪڙو فنڊز استعمال ڪيا آهن. ان تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ کي چيو ته ترقياتي اسڪيمن جي جائزي وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ڪيو وڃي. هن چيو ته اهي آفيسر جيڪي مالي سال جي آخر تائين پنهنجا ترقياتي فنڊ استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، انهن کان سٺي طريقي سان پڇا ڳاڇا ٿيندي. هن چيو ته اهي آفيسر جيڪي ايمانداري ۽ محنت سان ڪم ڪري رهيا آهن ۽ جن کي عوام جي مسئلن لاءِ احساس آهي، اهي مون سان گڏ بيٺل هوندا جڏهن ته باقي ٻين آفيسرن کي تبديل ڪيو ويندو. سيد قائم علي شاهه چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ ۾ رڳو ٻه مهينا رهجي ويا آهن ۽ مان اهو چاهيا ٿو ته اوهان جنگي بنيادن تي اسڪيمن وارن ڪمن جي رفتار کي تيز ڪيو. هن چيو ته فنڊ موجود آهن ۽ ترقياتي اسڪيمن تي ڪم به جاري آهن، اوهان کي رڳو ذاتي دلچسپي وٺندي ڪمن جي رفتار کي تيز ڪرڻو آهي. هن چيو ته ان جو اهو مطلب هرگز نه آهي فنڊن کي بيضابطگي سان خرچ ڪيو وڃي. فنڊن جو صحيح استعمال ۽ مناسب استعمال ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اينٽي ڪرپشن کاتي کي پهريان ئي هدايت ڏئي ڇڏي آهي ۽ جيڪڏهن ڪوبه فنڊن جي هيرڦير ۾ ملوث هوندو ته ان کي ڪنهن به قيمت تي معاف نه ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير جي هڪ سوال جي جواب ۾ اي سي ايس (ترقيات) محمد وسيم چيو ته سينٽرل جيل ڪراچي جي ڪمپائونڊ ۾ 6دهشتگردي ٽوڙ ڪورٽس (اي ٽي سي) جي تعمير جلد مڪمل ٿي ويندي. ان تي وڏي وزير کين هدايت ڪئي ته 14 وڌيڪ اي ٽي سي ڪورٽس جون عمارتون اتي تعمير ڪيون وڃن. هن هدايت ڪئي ته هُو ان لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ منظوري وٺن پر مان اهو چاهيا ٿو ته اوهان سيڪيورٽي سبب ڪري انهن جا بنگلوز به سينٽرل جيل جي ڪمپائونڊ اندر تعمير ڪرايو. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته مان پهريان ئي 10 وڌيڪ اي ٽي سي ڪورٽس جي قيام جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري ايندڙ بجيٽ ۾ انهيءَ لاءِ هڪ مناسب رقم رکي ويندي ته جيئن اهي اسڪيمون مڪمل ٿي سگهن. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي وڌيڪ هدايتون ڪيون ته هُو سمورن کاتن ۽ ذيلي ادارن ۾ خالي آسامين جو ڊيٽا گڏ ڪن ۽ لوڪل باڊيز اليڪشن جي عمل جي مڪمل ٿيندي ئي نين ڀرتين تان پابندي هٽائي ويندي. هن چيو ته هُو صوبي جي بيروزگار نوجوانن کي ميرٽ جي بنياد تي ملازمتن جي فراهمي جو خواهشمند آهي. هن چيف سيڪريٽري سنڌ تي زور ڀريو ته جاب اورينٽيڊ فني تعليم جي فروغ تي توجهه ڏنو وڃي ته جيئن هنرمند ماڻهن کي پرڏيهه موڪلي سگهجي. هن چيو ته هو مختلف سفارتڪارن سان ڳالهائي چڪو آهي ۽ هو هنرمند نوجوانن کي پنهنجي ملڪن ۾ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ تي رضامند آهن. سيد قائم علي شاهه چيو ته هو هڪ ڀيرو وري ترقياتي اسڪيمن جي جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندو ان ڪري هن چيف سيڪريٽري کي هدايتون ڪيون آهن ته صوبائي کاتن کي چوندا رهن ته جيئن اهي پنهنجي لاڳاپيل ترقياتي اسڪيمن کي بروقت مڪمل ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *