چارسده سانحي جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين نتيجو ڪڍڻ صحيح ناهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان چيو آهي ته چارسده سانحي جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ڪو نتيجو ڪڍڻ صحيح نه آهي پاڪستان ۽ آمريڪا جا مضبوط ۽ ويجها لاڳاپا آهن پاڪ ڀارت پرڏيهي سيڪريٽري ملاقات جي تاريخ جلد طئي ڪئي ويندي وزيراعظم جي سعودي عرب ۽ ايران جي دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ هو پرڏيهي آفيس جي ترجمان قاضي خليل الله هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته چارسده واقعي جي سخت مذمت ڪيون ٿا واقعي جي جاچ ٿي رهي آهي مڪمل جاچ کان اڳ ڪجهه به چوڻ درست نه آهي اسان جون همدرديون متاثر ڪٽنبن سان آهن ۽ زخمين جي جلد صحيابي لاءِ دعاگو آهيون هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت هڪٻئي سان رابطي ۾ آهن پاڪ ڀارت پرڏيهي سيڪريٽري ملاقات جي تاريخ جلد طئي ڪئي ويندي افغانستان سان مختلف معاملن تي رابطي ۾ رهون ٿا ۽ پاڪ افغان ملتريز رابطا جاري آهن. قاضي خليل الله چيو ته ڏکڻ اتر گئس پائيپ لائين رٿا جي تعمير پيٽروليم وزير جي روس جي دوري جي ايجنڊا ۾ سرفهرست آهي بريفنگ جي آغاز تي باچاخان يونيورسٽي جي شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي ويئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *