باچا خان يونيورسٽي سانحو، فضا سوڳوار، قومي جهنڊو جهڪيل، شهيدن جو انگ 21 ٿي ويو، ڪيس داخل

پشاور(اي پي پي) چارسده جي باچا خان يونيورسٽي تي حملي جو هڪ وڌيڪ زخمي فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ شهيدن جو انگ 21 ٿي ويو. مهمند ايجنسي سان تعلق رکندڙ محمد اياز ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جيڪوزخمن جي سٽ نه سهڻ سبب فوت ٿي ويو. سانحي جو ڪيس دهشتگردي جي انت بابت مردان ۾ سر ڍيري ٿاڻي جي ايس ايچ او جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي. هڪ ڏينهن اڳ باچا خان يونيورسٽي چارسده جي سانحي سان خيبرپختونخوا سميت ملڪ ۾ فضا سوڳوار آهي ۽ هر طرف اداسي ڇانئيل آهي. سڄي ملڪ ۾ خميس تي قومي جهنڊو جهڪيل رهيو، خيبرپختنوخوا حڪومت ٽن ڏينهن جي قومي سڳو جو اعلان ڪيو آهي. صوبائي حڪومت جي هدايت تي چارسده سميت سڄي صوبي ۾ تعليمي ادارا کليل رهيا ۽ مختلف شهرن جي اسڪولن ۾ شهيدن لاءِ دعا جو تقريبون منعقد ڪيون ويون. چارسده سانحي جي ڏک ۾ صوبائي اسيمبلي، اهم سرڪاري، نيم سرڪاري ۽ خود مختيار ادارن جي عمارتن تي قومي جهنڊو جهڪيل آهي.ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *