ڀارت ۾ ٻن مسافر ٽرينن جون بوگيون پٽريءَ تان لهي ويون، 28 ڄڻا اجل جو شڪار، 100 کان وڌيڪ زخمي

نئين دهلي(اي پي پي) ڀارت جي مرڪزي رياست مڌيا پرديش ۾ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻُڏل ٽريڪس تي سفر دوران ٻن مسافر ٽرينن جون ڪيتريون ئي بوگيون پٽريءَ تان لهي ويون جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 28 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ريلوي وزارت جي ترجمان موجب ممبئي کان وارانسي ويندڙ ڪمياني ايڪسپري هردا ويجهو حادثي جو شڪار ٿي جتي ان جون 12 بوگيون پٽريءَ تان لهي ويون، ساڳي ئي وقت جنتا ايڪسپريس جون 6 بوگيون پڻ پٽريءَ تان لهي ويون، ترجمان موجب مسافرن کي ٻوڏ جي پاڻيءَ مان ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروايون جنگي بنيادن تي جاري آهن. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي، اپوزيشن پارٽي ڪانگريس جي اڳواڻ سونيا گانڌي، مڌيا پرديش جي وزيراعليٰ ۽ ٻين اڳواڻن هادثي تي ڏک جو اظهار ۽ اجل جو شڪار ماڻهن جي وارثن سان تعزيت ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *