راولپنڊي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طاهر خان نيازي مارجي ويو

راولپنڊي (بيورو) راولپنڊي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طاهر خان نيازي مارجي ويو. راولپنڊي جي سيٽلائيٽ ٽائون واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طاهر خان نيازي جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. جج طاهر خان نيازي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ راولپنڊي جي بينظير اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هـُن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو. واقعي بعد پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *