
ممبئي ( اسپورٽس نيوز ) ڳائڻي سوناموهاپترا بالي ووڊ ڪنگ سلمان خان کي ” ڪاغذي شينهن “ قرار ڏئي ڇڏيو.سوناموهاپترا سلمان جي نئين /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 20
فلم ” ڀارت “ کي باڪس آفيس جي ٻئين هفتي ۾ گهٽ موٽ ملڻ تي هڪ ڀيرو وري تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.ڇنڇر ڏينهن سوناموهاپترا ٽوئيٽ ۾ واهپيدارن کان سوال ڪيو ته اهڙن فلمي سپر اسٽارن بابت ڇا چوندئو جيڪي سموري مشهور مهم، پوسٽنگ ۽ هائپ باوجود عوامي ڊومين ۾ هڪ هفتو به ريٽرن نٿا ڏئي سگهن؟جنهن بعد هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ پاڻ ئي جواب ڏيندي هن چيو ته ڪاغذي شينهن-( پليز انڊيا انهن ڪاغذي شينهن کي پوڄڻ بند ڪيو ۽ حقيقي هيرا تلاش ڪريو.