جيڪو ڪجهه به سکيو هاڻي آئون ان جو تجربو ڪرڻ چاهيان ٿي: مهوش حيات

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا مهوش حيات اداڪاري کان پوءِ هدايتڪاري جي ميدان ۾ قسمت آزمائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.پاڪستان شوبز انڊسٽري کي “جواني پهر نهين آني” “پنجاب نهين جائونگي” ۽ “لوڊ ويڊنگ” جهڙيون ڪامياب فلمون ڪندڙ سپر اسٽار مهوش حيات پنهنجين صلاحيتن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ڪامياب اداڪاري کان پوءِ هاڻي هدايتڪاري جي ميدان ۾ قسمت آزمائڻ چاهي ٿي.اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 38

انٽريو ۾ ڪيو آهي. مهوش حيات چيو آهي ته آئون جيڪو ڪجهه به سکيو هاڻي آئون ان جو تجربو ڪرڻ چاهيان ٿي، آئون ڪنهن تي به، ڪنهن به شيءِ لاءِ ناهيان ڀاڙيندي پر اداڪاري هڪ اهڙو شعبو آهي جتي فنڪارن کي هدايتڪار تي ڀاڙڻو پوندو آهي تنهنڪري هاڻي آئون ڊائريڪٽر جي ڪرسي تي ويهڻ چاهيان ٿي.هن  چيو ته آئون ڪڏهن به ڪنهن شيءِ  مان مطمئن ناهيان ٿيندي ۽ مونکي خبر ناهي ته آئون ائين ڇو آهيان، آئون سدائين پنهنجي بهترين تنقيد نگار رهي آهيان، آئون پنهنجو ڪم گھڻو ڌيان سان ڏسندي آهيان ۽ پنهنجي ڪم تي تنقيد به ڪندي آهيان.شايد منهنجي اها ئي  بيچيني منهنجي ڪم ڪرڻ جي چاهه کي وڌائيندي آهي ۽ مونکي پنهنجي ڪم کي وڌيڪ محنت سان ڪرڻ جي ۾ دلچسپي ڏيندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *