ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيس تي شيوسينا جو حملو افسوسناڪ آهي: آءِ سي سي

دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل هندو انتهاپسند شيوسينا پاران ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيس تي حملي کي افسوس جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته حملو ڪرڪيٽ لاءِ نقصان ڏيندڙ آهي ڪرڪيٽ کيڏندڙ ملڪن کي گڏيل تعاون سان راند کي ترقي ڏيڻ گهرجي دبئي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ سي سي جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊيوڊ رچرڊسن چيو ته سيوسينا پاران ممبئي ۾ بي سي سي آءِ جي آفيس تي حملو افسوسناڪ آهي حملي سان ڪرڪيٽ کي نقصان ٿيندو واضح رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي درخواست تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين شهريارخان ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر نجم سيٺي پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ ممبئي پهتا ته هندو انتهاپسند تنظيم شيوسينا جي ڇاڙتن بي سي سي آءِ جي آفيس تي حملو ڪيو شيوسينا جي غنڊن ڪجهه ڏينهن اڳ خورشيد قصوري جي ڪتاب جي ڀارت ۾ مهورتي تقريب کي به ناڪام ڪرڻ لاءِ تقريب جي منتظم مٿان تشدد ڪيو هو جڏهن ته پاڪستاني فنڪار استاد غلام علي جي ڪنسرٽ کي به ملتوي ڪرائي ڇڏيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *